نه ملاقات ڪرائي نه ذاتي ڊاڪٽرن کي ملڻ ڏنو: پي ٽي آءِ پاران عمران جي صحت تي سياست جا الزام رد

نه ملاقات ڪرائي نه ذاتي ڊاڪٽرن کي ملڻ ڏنو: پي ٽي آءِ پاران عمران جي صحت تي سياست جا الزام رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بيرسٽر گوهر خان گهرو وزير محسن نقوي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مان سلمان اڪرم راجا ۽ ڀينرون اڊياله جيل پهتاسين. مان اڳ به چيو اسان باني تحريڪ انصاف جي صحت تي سياست نه ڪري رهيا آهيون، اسان جو مطالبو هو ته عمران خان جي فيملي يا ڊاڪٽرن کي پهچ ڏني وڃي. ٻيو مطالبو هو ته باني کي علاج لاءِ منتقل ڪيو وڃي. اسان طبي معائني ۾ به اِن ڪري شريڪ نه ٿياسين ڇو جو اسان چاهيون پيا ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. مان درخواست ڪريان ٿو ته منهنجي ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هو باني سان ملاقات ڪري سگهي. ملاقاتن تي پابندي لڳائي معاملي پيچيده ڪيو پيو وڃي. منهنجي، سلمان اڪرم راجا ۽ عمران خان جي فيملي سان ملاقات ڪرائي وڃي. ٻئي طرف بيرسٽر سلمان اڪرم راجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪا سياست ناهي ڪئي، اِها ڳالهه غلط آهي، ڊاڪٽر عاصم يوسف عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر آهي اُن کي ڇو اندر وڃڻ نه ڏنو ويو، ڊاڪٽر عاصم يوسف پهريان به پنج ڀيرا باني جو طبي معائنو ڪري چڪو آهي. سرڪاري رپورٽ ۾ جيڪي مسئلا شامل آهن، اسان انهن جي تصديق چاهيون ٿا. بئريسٽر سلمان صفدر جيڪا رپورٽ ڏني اُن جي مطابق اک جو مسئلو آهي، سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بهتري آئي آهي، ڊاڪٽر عاصم يوسف جڏهن اندر ويندو ته هو اچي اصل صورتحال کان اسان کي آگاهه ڪندو،