نوابشاهه: ايس ٽي پي ڪارڪن جو فارم هائوس مان لاش هٿ

نوابشاهه: ايس ٽي پي ڪارڪن جو فارم هائوس مان لاش هٿ

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ جي فارم هائوس مان ملازم عرفان جمالي جو گولي لڳل لاش ھٿ آيو، ان ڏس ۾ مقتول عرفان جمالي جي ڀاءُ   عرض محمد جمالي چيو ته اسان في الحال ڪجھ چئي نٿا سگھو ، ٻئي طرف ايس ايڇ او رشيد ميمڻ  چيو ته اسان قتل ۽ آپگهات وارن رخن تي جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻيا اسپتال پھچي ويا. واضح رهي ته مقتول ايس ٽي پي جو ڪارڪن به هو