نوابشاهه تعليمي بورڊ جي نتيجن خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج: ڪلاس بائيڪاٽ: مظاهرا   

نوابشاهه تعليمي بورڊ جي نتيجن خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج: ڪلاس بائيڪاٽ: مظاهرا   

قاضي احمد/ٽنڊو آدم(نمائندن وٽان) نوابشاهه  تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ يارھين ڪلاس جي سالياني امتحان جي اي مارڪنگ ذريعي چڪاس دوران شاگردن جون مارڪون گھٽائڻ ۽ 50 سيڪڙو شاگردن کي فيل ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي  شاگردن معصوم جتوئي، صمد انڙ، پير الطاف،  شاھد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نيشنل ھاءِ وي تي مظاهرو ڪيو، شاگردن بورڊ انتظاميا پاران  اي مارڪنگ ذريعي ڪيل چڪاس ۽ امتحاني نتيجن کي مڪمل طور رد ڪندي ڪاپين جي ٻيھر چڪاس جو مطالبو ڪيو، شاگردن موجب بورڊ انتظاميا جي نااھلي سبب وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون مارڪون گھٽايون ويون آھن ڪيترن شاگردن کي فيل ڪيو ويو آھي،اهڙن  نتيجن کي قبول نه ڪنداسين، هوڏانهن  ٽنڊي آدم ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري ڪاليج جي احاطي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ، پرھ علي، سائره ملوڪاڻي، آمنه آرائين، نمره ۽ ٻين چيو ته بورڊ انتظاميا  نائين ۽ يارهين ڪلاس جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪئي آھي ريگيولر ۽ ھوشيار شاگردياڻين جون مارڪون گهٽايون ويون آھن. جڏهن ته بااثرن جي اولاد سميت خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اي ون گريڊ ڏنا ويا آهن. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.