نوابشاهه: لاباري لاءِ آيل پورهيتن جي جهوپڙين کي باهه: 4 معصوم ٻارڙا سڙي فوت: ڪهرام

نوابشاهه: لاباري لاءِ آيل پورهيتن جي جهوپڙين کي باهه: 4 معصوم ٻارڙا سڙي فوت: ڪهرام

قاضي احمد/دولتپور صفن (نمائندن وٽان) قاضي احمد ۽ دولتپور صفن لڳ ڪڻڪ جي لاباري لاءِ ننگرپارڪر ۽ لاڙ مان آيل پورهيتن جي ڪکاون گهرن کي باهه : 4 معصوم ٻارڙا سڙي فوت: ڪهرام ان ڏس ۾  قاضي احمد  لڳ ديهه   ترڇي ۾ زميندار خادم زرداري جي  ڪڻڪ جو لاباري تي آيل نگر پارڪر واسي ڪولھي برادري جي جھوپڙين کي اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ننڊ ستل 2 معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ   5 سالن جو ڪنول داس ڪولھي، سندس  ڀيڻ 4 سالن جي ڪويتا ڪولھي ۽ سئوٽ چار سالن جي پريا ڪولهي سڙي فوت ٿي ويا، باهه لڳڻ وقت  معصوم ٻارڙن جا وارث مرد توڙي عورتون ڪڻڪ جي لاباري تي ويل ھئا، باھ واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل پريا ڪولھي کي نازڪ حالت ۾ نوابشاھ منتقل ڪيو،  جتي ھُن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، اھڙي واقعي بعد ڪهرام مچي ويو، فوتي ٻارڙن جا مڙھه ايڌي سينٽر مان ڪفن ڏئي ننگرپارڪر نيا ويا،  فوتي ٻارڙن جي  وارثن موجب ته اسين  ڪڻڪ جي لاباري تي ويل ھئاسين ، پويان جھوپڙين کي باھ لڳڻ سبب 3 ٻار سڙي فوت ٿي ويا، هوڏانهن   دولتپورصفن ويجهو ڳوٺ ڳاھنڊ ۾ ڪڻڪ جي  لاباري لاءِ ڪڙيو گهنور کان آيل  ڪولھي برادري جي عارضي ٺاھيل 4 جھوپڙين کي باهه لڳي وئي، جنهن دوران هڪ معصوم ٻارڙو ڀاڳچند ولد پريم چند ڪولھي سڙي فوت ٿي ويو، انهي واقعي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، ڳوٺاڻن موجب اسان ٻار کي بچائڻ جي  گهڻي ڪوشش ڪئي، باهه جي شدت سبب کيس بچائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو ،