نوابشاهه لڳ 2 ڪارون ٽڪرائجي ويون: ٻانڌي واسي ڀاءُ ڀيڻ سميت 3 فوت: 2 ٻارڙا زخمي

نوابشاهه لڳ 2 ڪارون ٽڪرائجي ويون: ٻانڌي واسي ڀاءُ ڀيڻ سميت 3 فوت: 2 ٻارڙا زخمي

ٻانڌي/نوابشاهه(نمائندن وٽان) نوابشاهه لڳ 2 ڪارون ٽڪرائجي ويون: ٻانڌي واسي  ڀاءُ  ڀيڻ  سميت 3ڄڻا فوت، 2معصوم ٻارڙا سخت زخمي، ان ڏس  ۾ نوابشاھه لڳ پڪي چودڳي وٽ ٻن ڪارون آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون، جنھن جي نتيجي ۾ 50 ورھين جو  طاھر آرائين،  30ورھين جو ڪاشف آرائين ۽ سندس ڀيڻ انعم زال محمود آرائين  ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته فوتڻ انعم جا2 ٻارڙا محمد آرائين ۽ ازلان آرائين زخمي ٿي پيا، ريسڪيو عملي فوتين جا  لاش۽ زخمي ٻارڙن کي پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي جي اطلاع تي ٻانڌي شھر ۾ سوڳ ڇانئجي  ويو،  ٻڌايو پيو وڃي  روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٻانڌي کان نوابشاھ وڃي رھيا ھئا ته روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا، پوليس هڪ ڪار ڊرائيور کي راست ۾ ورتو هو، هوڏانهن  حادثي ۾ فوت ٿيل طاھر آرائين جي تدفين ٻانڌي جي مقامي قبرستان ۾ ڪئي، جڏھن ته  فوتي ڀاءَ ڀيڻ ڪاشف آرائين ۽ انعم آرائين جي تدفين نوابشاھ جي علائقي گوليمار ۾ ڪئي وئي