نوابشاهه واقعو:   2 ايس ايچ  او ز سوڌو 4 اهلڪارن تي قتل ڪيس داخل : معطل: ڌرڻو به ختم 

نوابشاهه واقعو:   2 ايس ايچ  او ز سوڌو 4 اهلڪارن تي قتل ڪيس داخل : معطل: ڌرڻو به ختم 

شهدادپور/ نوابشاهه ( نمائندن وٽان) نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي تي پوليس حراست دوران تشدد ۾ قتل ڪيل شهدادپور واسي دڪاندار ارشد ڀٽي واري معاملي تي ٻن 2 ڏينهن کان ڌرڻو جاري رهڻ بعد نيٺ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن تي قتل جي ايف آءِ آر اداخل ٿي وئي. ايف آئي آي سرڪل شهيد بينظيرآباد ٿاڻي تي مقتول جي والد حاڪم ڀٽي جي فرياد تي ايس ايڇ او شھدادپور عمران اختر چانڊيو، ايس ايڇ او بي سيڪشن نوابشاھ اصغر شاهه، اهلڪار رمضان ڀٽي ۽ ستار ڪمبوهه خلاف  قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءُ لنجار طرفان واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد فيصل بشير ميمڻ الزام هيٺ آيل چئني پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد پ پ اڳواڻ جھانگير جوڻيجو ۽ پ پ ايم پي اي جاويد اقبال آرائين ڌرڻي ۾ پھچي انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو. ان سلسلي ۾ مقتول جي والد حاڪم ڀٽي موجب چئن پوليس اهلڪارن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي، اميد ته پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته ڌرڻي ۾ ميڙ طور لنگهي اچڻ تي پيپلز پارٽي اڳواڻن کي مان ڏيندي ڌرڻو ختم ڪيو آهي. مقتول جي وارثن طرفان لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ بعد مقتول جو مڙھ واپس شهدادپور  آندو ويو.  ياد رهي ته مقتول ارشد ڀٽي کي چوري جو موبائل خريد ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتارڪري 2 ڏينهن شهدادپور ٿاڻي ۾ رکڻ بعد کيس نوابشاهه بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو، گذريل رات دير سان تشدد ۾ سندس موت واقع ٿيو