نوابشاهه پوليس پورهيت فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، معصوم نياڻين جو ماتم

آگسٽ 2, 2023

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري)  اٺهٽ موري واسي پورهيت عطا محمد ڪيريو  کي پوليس فل فراءِ ڪري ڇڏيو، وارثن ۽ ايس ٽي پي پاران لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾  رات دير سان  پورهيت عطا محمد ڪيريو پنهنجي گهران اسڪول ۾ پڙهندڙ

 پنهنجي 2 نياڻين لاءِ نوان اسڪولي بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ نوابشاهه شهر آيو ته مبينا طور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، ٻي طرف پورهيت جو لاش کڻي سندس ڀاءُ عُطر ڪيريو، چاچو شفيع محمد ڪيريو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، ضلعي اڳواڻن رفيق ملاح، ٻڍل مگسي ۽ 2 معصوم نياڻين  پاران  ايس ايس پي چوڪ آڏو ڌرڻو هنيو ويو

 ان موقعي تي پورهيت جي ڀاءُ  عُطر ڪيريو، چاچو شفيع محمد ڪيريو ۽ ٻين چيو ته  عطا محمد ڪيريو  غريب پورهيت هُيو،  جيڪو روزانو پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، پورهيت 2 نياڻين  لاءِ نوان اسڪولي بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ نوابشاهه شهر آيو هو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس بنا ايف آءِ آر مٿس گوليون هلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو

هنن چيو ته جيستائين جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته عطامحمد ڪيريو کي ڦر دوران گرفتار ڪيو سندس ساٿين فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو مارجي ويو

Leave A Comment