نوابشاهه ڊويزن ۾اسپتالن جي ڪچري جي وڪري تي بندش: قلم 144 لاڳو

نوابشاهه ڊويزن ۾اسپتالن جي ڪچري جي وڪري تي بندش: قلم 144 لاڳو

نوابشاھه(پڌرائي) نوابشاهه جي ڪمشنر شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشھروفيروز ضلعن ۾ ميڊيڪل هيلٿ ڪيئر ويسٽ (اسپتالن جي ڪچري)  جي خريداري  ۽ وڪري ، گڏ ڪرڻ، کڻڻ، ذخيرو ڪرڻ، ٽرانسپورٽ ڪرڻ ۽ انهي کي غير مجاز طريقي سان ساڙڻ تلفي تي قلم 144 ذريعي پابندي لاڳو ڪئي آهي. ڪمشنر پاران جاري نوٽيفڪيشن مطابق ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن نشاندهي ڪئي ته اسڪريپ ڊيلرز ( ڪاٻاڙي) ۽ غير تربيت يافته ماڻھو اسپتالن جي ڪچري جي ڪاروبار ۽ ھينڊلنگ ۾ ملوث آهن، انهي سان ڪيترن ئي بيمارين جي پکڙجڻ جو امڪان پڻ آهي جاري نوٽيفڪيشن موجب رجسٽرد ڪمپنيون ۽ ادارا ڪچري کي سنڀالي سگهندا. ڪمشنر سڀني ٿاڻن کي ھدايت جاري ڪئي آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.