| نوابشاهه: ڪاپي مافيا جو نيٽ ورڪ هلائيندڙ 2 سوگها |
نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ڪاپي مافيا جو نيٽ ورڪ هلائيندڙ 2 جوبدارن خرم راجپوت ۽ علي نواز کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار واٽس ايپ گروپ تي شاگردن کي ڪاپي ڪرائيندا هئا۔ انهي ڪڌي ڪم عيوض شاگردن کان ڳريون رقمون وصول ڪيون وينديون هيون، پوليس جوابدارن وٽان موبائل فونز، چيٽ رڪارڊ، حل ٿيل پيپر ۽ ٻيا اهم ثبوت هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ٻئي طرف ايس پي ٻڌايو ته ضلعي جي امتحاني مرڪزن جي نگراني وڌائي وئي آهي.