| نوابشاهه: گجرا واهه کي 70 فوٽن جو گھارو: 20 ڪالونيون ۽ 25 ڳوٺ پاڻي هيٺ: شهري دربدر |
نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ گجرا واهه کي 70فوٽن جو گھارو: 20 ڪالونيون ۽ 25 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ان ڏس ۾ گجرا واهه کي پيل گهاري شهر ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، گهاري جو پاڻي غلام سرور خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، جيئندو خاصخيلي چوڌري برڪت آرائين، نور سٽي ڪالوني سميت 25 ڳوٺن ۽ 20کان مٿي شهري ڪالونين ۾ داخل ٿي ويو، شهري توڙي ڳوٺاڻا گهرو سامان ڇتين ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪندي نظر آيا، بي يارو مددگار ويٺل جاويد خاصخيلي، محبوب مغل، آصف خاصخيلي، خادم خاصخيلي دانهيندي چيو ته ڪالو نين ۾7کان 8هزار ۽ ڳوٺن ۾800 شهري رھائشي آھن، جيڪي گهاري سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو آھي، هوڏانهن گھاري واري هنڌ پهتل پ پ جي ضلعي صدر سالم زرداري چيو ته آچر تي موڪل سبب ڪامورا ٻاھر ويل ھئا، جيئن کين گهاري جي خبر پوندي ته ھتي پهچي ويندا، هن چيو ته متاثرين جي هرممڪن مدد ڪبي، رات دير سان ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي مداخلت تي 10 ڪلاڪن کانپوءِ گھاري کي بند ڪيو ويو هو