| نوابشاهه: گهر جي ڇت ڌماڪي سان پٽ: 2 معصوم ڀائر فوت: 6 ڀاتي زخمي |
نوابشاھه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ گهر جي ڇت ڌماڪي سان پٽ: 2 معصوم ڀائر فوت: 6گهر ڀاتي زخمي، ان ڏس ۾نوابشاهه جي علائقي گوليمار ۾ صبح سوير گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 معصوم ڀائر پنج ورھين جو احمد ۽ چئن ورھين جو حماد پٽ محمد شاھد عباسي فوت ٿي ويا، جڏھن ته شاھد، زاھد، شبانه، انابيه سميت 6 معصوم ٻار ملبي ھيٺان دٻجي ويا، جن کي ريسڪيو ٽيم ۽ پوليس پھچي بچائي ورتو، زخمي ٻارن کي پي ايم سي اسپتال پھچايو ويو، جتي سندن علاج جاري آھي، ٻن فوتي ڀائرن جا لاش گھر ۾ پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.