نوابشاهه ۾ٽارگيٽڊ حملو: ليڊي اهلڪار7 گوليون لڳڻ ڪري مرڻينگ: 15 شڪي سوگها

نوابشاهه ۾ٽارگيٽڊ حملو: ليڊي اهلڪار7 گوليون لڳڻ ڪري مرڻينگ: 15 شڪي سوگها

نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ پوليس اھلڪار به غير محفوظ : ڊيوٽي تي ويندڙ وومين پوليس اهلڪار کي ٽارگيٽ ڪري 7 گوليون هنيون ويون،  عورتن سميت 15 شڪي گرفتار، ان ڏس ۾ 5 هٿياربندن شهر جي جمالي ڪالوني کان ڊيوٽي تي ويندڙ ليڊي پوليس اھلڪار رخسانه مشوري کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، علائقي واسين ۽ پوليس زخمي اھلڪار کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه آندو، جتي سندس ٽن ڪلاڪن تائين آپريشن  ڪري 3 گوليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته 4 گوليون  نڪري نه سگھيون، جنهن بعد ليڊي اهلڪار کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي  نيو ويو، پوليس موجب  ليڊي ڪانسٽيبل رخسانه مشوري گھر کان وومين ٿاڻي تي ڊيوٽي تي وڃي رھي ھئي ته ھٿياربندن مٿس  گوليون  هلايون، رخسانه مشوري کي 7 کان مٿي گوليون لڳيون آھن، ٻئي طرف  زخمي ليڊي ڪانسٽيبل رخسانه مشوري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته موٽر سائيڪل تي اظهر لاکو سميت 4 ٻٽ ٻڌل  هٿياربند ھئا، جن  مونکي ڏسي فائرنگ ڪئي، هوڏانهن ايس ايس پي شبير سيٺار اسپتال پهچي  ليڊي سپاهي جي عيادت ڪئي،  هوڏانهن پوليس لاکا آباد  تي چڙهائي ڪري عورتن سميت 15 شڪي گرفتار ڪري ورتا، پوليس موجب 5 مهينا اڳ لاکا برادري جو نوجوان  عمير لاکو قتل ٿيو هو، جنهن  جو الزام مشوري برادري تي لڳو هو، ليڊي پوليس اهلڪار رخسانه مشوري مٿان پلاند ۾حملو ڪيو ويو آهي، رات دير تائين واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي هئي.         
 

لاکا برادري پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو: روڊ بلاڪ: حملي سان تعلق ناهي: سهيل لاکو 
 

نوابشاهه: نوابشاھ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت پوليس اهلڪار رخسانه مشوري جي واقعي ۾ الزام هيٺ آيل لاکا برادري پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي لاکا برادريءَ جي چڱي مڙس سھيل لاکو ۽ نويد لاکو چيو ته پوليس لاکا برادريءَ جي  30کان مٿي عورتن ۽ 30 کان مٿي مردن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي هنن واضح ڪيو ته عورت اهلڪار تي فائرنگ واري واقعي سان سندن ڪو تعلق ناهي، هنن چيو ته زخمي پوليس اھلڪار رخسانه مشوري اظھر لاکي تي الزام ھڻي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته اھو اظھر لاکو ڪھڙو آھي؟ هنن چيو ته اسان پ پ جا ورڪر ۽ ووٽر آھيون پوليس گھرن ۾ گھڙي تذليل ڪئي آهي