| نوابشاهه ۾ ايڪتا جا رنگ: ٽيبلوز: سرن جي ورکا |
نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري) منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙا ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويا، ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، سنڌ ثقافت بابت بھترين تقريري مقابلا ٿيا، جن ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن حصو ورتو پروگرام ۾ سنڌ جي مشھور راڳين رضوان ۽ ڪامران سنڌي گيت چيا، جڏهن ته سنڌ جي مشھور الغوزي نواز غوث بخش بروهي به الغوزي جي فن سان ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو اسڪول جي پرنسپال محمد اسلم مري چيو ته ايڪتا اسان لاءِ عيد جو ڏھاڙو آھي هن چيو ته سنڌ مان منشيات ختم ٿيڻ سان نوجوانن جو مستقبل بھتر ٿيندو، هن چيو ته اسان 7 ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏھاڙو ڌام ڌوم سان ملهائينداسين.