نوابشاهه ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، ڇڪتاڻ

ڊسمبر 17, 2024

نوابشاهه (بيورو رپورٽ)  نوابشاهه ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٻيو زخمي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مھراڻ ڪالوني ۾ پراڻي تڪرار تان مشوري ۽ لاکا برداري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب لاکا برادري جو نوجوان عبيد لاکو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه آندو ويو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جو علاج هلندڙ آھي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس موجب ته مشوري ۽ لاکا ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، جنهن تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

Leave A Comment