| نوابشاهه ۾ ٿاڻي کي باهه: مال خانو ۽ ريڪارڊ سڙي خاڪ |
نوابشاهه(بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي کي اوچتو باھه لڳي وئي، مال خاني ۽ رڪارڊ روم ۾ پيل رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو ، فائربرگيڊ گاڏي ۽ پوليس جي وڏي نفري پھچي لاڪپ ٿيل قيدي ٻئي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيا، ايس ايچ او رشيد ميمڻ موجب ڪجهه رڪارڊ بچائي ورتو آهي، باھه لڳڻ جو سبب معلوم ٿي ناهي سگهيو .