| نوابشاهه ۾ گلن جهڙي ٻارڙي خوني گٽر ۾ ڪري مرڻينگ |
نوابشاهه)بيورو رپورٽ( نوابشاهه جي تاج ڪالوني ۾ بسم الله پيٽرول پمپ وٽ پنجن سالن جي معصوم نياڻي عاصمه ڌيءَ الهڏتو ڀٽي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جنھن کي پاڙي وارن بچائي ورتو، سخت زخمي ٿيل ٻارڙي کي وات مان رت وھي رھيو ھو، علائقي واسين دانھيندي چيو ته اسان بلديه وارن کي کليل گٽرن پاران دانهون ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناھي، بلديا وارا ٻوڙا ۽ گونگا بڻيل آهن.