نواب شاهه : مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار
جُولاءِ 2, 2025
نوابشاهه (پنهنجي ڊيسڪ ) نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران مقابلي دوران جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جي رپورٽ موجب حيدرشاهه ڪالوني باءِ پاس وٽ ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، پوليس موجب ڏوهارين سان مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ جوابدار مسرور شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، هوڏانهن زخمي جوابدار مسرور شر جو چوڻ هو ته پوليس ڌوکي سان پڪڙي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو آهي.