نواب شاهه ميونسپل جا پول پڌرا

جُون 28, 2025

نواب شاهه (پنهنجي ڊيسڪ) نواب شاهه م زوردار برسات ميونسپل ڪارپوريشن جا پول پڌرا ڪري ڇڏياآهن، شھر جي مختلف علائقن تاج ڪالوني، سوسائٽي. ڀنگواڙ ڪالوني، غريب آباد، موھني بازار، گول چڪرو پراڻي نوابشاهه لائين پار علائقن م برساتي پاڻي بيهجي ويو.

شھرين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شھر جو گٽر سسٽم خراب ھجڻ ڪري برساتي پاڻي سان گڏ گٽر جو پاڻي به گھرن م داخل ٿي ويو جڏهن به بارش اچي ٿي تڏھن بلديا نوابشاهه وارن جي عيد ٿي وڃي ٿي هوءَ رڳو بجيٽ ھڙپ ڪرڻ پورا آھن، باقي شھر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿن،

ھي صدر آصف علي زرداري جو شھر آھي بي بي آصفه ڀُٽو زرداري ھن تڪ جي ايم اين اي آھي پر ھتان جا ووٽر شھري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن. ھنن  صدر آصف علي زرداري ۽ ايم اين اي آصفه ڀُٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته شھرين جي واھر ڪري گٽر سسٽم ۽ ڪالونين جون گليون رستا ٺاھيا وڃن ۽ برساتي پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن شھري سک سان رھي سگھن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • يوسف رضا گيلاني 9 ڪيسن مان بري

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو