نواب يوسف ٽالپر جو اڄ چاليهو، وڏي وزير جي آمد، تياريون مڪمل

مارچ 28, 2025

عمرڪوٽ/ڪنري(رپورٽر+ن پ ا) برک سياستدان مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جو چاليھو اڄ جمعي ڏينهن تي ٿيندو، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، تياريون مڪمل خبر موجب اڳوڻي ايم اين اي ۽ برک سياستدان مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جو چاليھو اڄ ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ٿيندو چاليھي ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه شرڪت ڪندو، جڏھن ته مختلف ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ تڪ جو عوام به شريڪ ٿيندو، چاليهي جي ماني ۽ افطار پارٽي جو اھتمام پڻ ڪيو ويندو، جنھن بعد نواب يوسف ٽالپر جي مغفرت لاءِ دعا گهري ويندي. هوڏانھن وڏي وزير جي آمد سبب پوليس پاران سيڪيورٽي پلان پڻ جوڙيو ويو آھي، جڏھن ته انتظاميا پاران شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

 

Leave A Comment