اسلام آباد: ملڪ ۾ عام چونڊن دوران مختلف اهم شخصيتن ۽ سياسي اڳواڻن به ووٽ ڪاسٽ ڪيا، نواز، شهباز ۽ مريم لاهور، زرداري نوابشاهه، بلاول نئون ديرو، فضل الرحمان ڊي آءِ خان ۾ ووٽ ڏنو
تفصيل موجب ڪالهه چونڊن دوران مختلف سياسي اڳواڻن مختلف تڪن تي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، مسلم ليگ(ن) جي قائد نوازشريف لاهور جي اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو
مريم نواز ۽ پرويز رشيد به ان سان گڏ هئا. عون چوڌري نوازشريف جو استقبال ڪيو، سياستدانن ۾ سڀني کان پهريان پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هن لاهور جي تڪ اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
نواز شريف ۽ شهباز شريف عون چوڌري کي ووٽ ڏنو، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب مري ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال اين اي 76 نارووال پولنگ اسٽيشن نمبر 23 ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو جڏهن ته عطا تارڙ اين اي 127 لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايل بي او ڊي ڪالوني نوابشاهه ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، سندس نياڻي آصفه ڀٽو به نوابشاهه ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو جي مڇي مارڪيٽ محلي ۾ قائم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ اباڻي ڳوٺ عبدالخليل ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پ پ اڳواڻ سعيد غني ڪراچي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار به ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
قمرالزمان ڪائره لالا موسيٰ ۾ پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار لطيف کوسه لاهور جي اين اي 122 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
خواجه آصف اين اي 71 سيالڪوٽ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق لاهور جي اين اي 122 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
خورشيد شاهه اين اي 210 سکر ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، راجا رياض اين اي 104 فيصل آباد جي پولنگ اسٽيشن 9 تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو
پ پ اڳواڻ شازيه مري تڪ اين اي 209 يراني ادو اسڪول پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. بابر اڳواڻ پنهنجو ووٽ اين اي 51 ڪهوٽه ۾ ڪاسٽ ڪيو