لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) لاءِ 9 قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل فهرست موجب بي پي ايل لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي 23 جنوري 2026ع تائين اين او سي جاري ڪئي وئي آهي. اين او سي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ محمد نواز، فهيم اشرف، صاحبزاداه فرحان، حسين طلعت، احسان الله، حيدر علي، ابرار احمد، خواجا نافع ۽ سلمان ارشاد کي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ 26 ڊسمبر کان 24 جنوري تائين کيڏي ويندي.