| نوازشريف جو فوٽو 5 هزار جي نوٽ تي لڳايو وڃي: ليگي ميمبر |
لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ارشد ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته نواز شريف جي تصوير 5000 رپين جي نوٽ تي لڳائي وڃي. پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي ايم پي اي ارشد ملڪ مطالبو ڪيو ته نواز شريف جي تصوير 5000 رپين جي نوٽ تي به لڳائي وڃي. ارشد ملڪ چيو ته نواز شريف جي تصوير 5000 رپين جي نوٽ تي قائد اعظم سان گڏ لڳائي وڃي. پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چيو ته اهو نواز شريف هو جنهن هن ملڪ کي ترقي جي طرف وٺي ويو.