نوازشريف ڀارت پئسا اماڻيا، عمران وٽ فائل موجود آهي: عليمه خان

  نوازشريف ڀارت پئسا اماڻيا، عمران وٽ فائل موجود آهي: عليمه خان

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته مون ڪنهن به ڀارتي چينل تي آپريشن سندور 2 جون ڳالهيون نه ڪيون آهن. منهنجو ڪلپ اي آءِ جي ذريعي حڪومت پاڻ ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان سوال اٿاريو ته سڀني کان وڌيڪ دوستي مودي سان ڪنهن جي هئي؟ بنا ويزا جي مودي پاڪستان ڪنهن وٽ آيو هو؟ ڇا انڊيا ۾ منهنجي مل لڳل آهي؟ مودي سان ڇا اسان جي دوستي آهي؟ مودي بنا ويزا جي اچي سگهي ٿو پر اسان  پنهنجي ڀاءُ جي ڳالهه نٿا ڪري سگهون. عليمه خان چيو ته انڊين ميڊيا جي ذريعي اسان جي ميڊيا پي ٽي آءِ باني جي خبر هلائي، اسان جي ميڊيا ٻڌائي اها پي ٽي آءِ باني جي خبر ڇو نٿي هلائي، نورين نيازي جو ڪلپ وائرل ڪيو ويو اهو اي آءِ سان ٺاهيو ويو آهي ڇو ته منهنجي ڀيڻ اهڙيون ڳالهيون نٿي ڪري سگهي. اي آءِ مان وڊيو حڪومت ٺاهي آهي. عمران خان جي ڀيڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني وٽ نوازشريف جي مني لانڊرنگ جو پورو فائل آهي. نوازشريف نيويارڪ بينڪ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. فائل ۾ انهن جا انڊيا پئسا اماڻڻ جا ثبوت موجود آهن. اسان پاڻ اهو فائل ڏٺو آهي جيڪو 10 سال پهريان باني کي ڏنو ويو هو.