نواز بدران شهباز کي وزيراعظم بڻائڻ جي تجويز، مريم نواز وزيراعليٰ پنجاب لاءِ مضبوط اميدوار

فيبروري 12, 2024

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي اجلاس ۾ شهباز شريف وزيراعظم ۽ مريم نواز وزير اعليٰ پنجاب لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي سامهون اچي ويا. ذريعن موجب ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي سياسي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ صوبائي حڪومت ٺاهڻ لاءِ شروعاتي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪجهه شرڪت ڪندڙن شهباز شريف کي وزيراعظم طور نامزد ڪرڻ جي تجويز ڏني ته ڪيترن ئي ان تجويز جي حمايت ڪئي. اجلاس دوران پارٽي قيادت ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار جي فيصلي جو اختيار شريف ڀائرن کي ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ شهباز شريف ۽ مريم نواز جو نالو پنهنجي امڪاني اتحادين سامهون رکندي، پ پ، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين جي حمايت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

Leave A Comment