| نواز جو جادو هلي ويو: آسٽريليا وائيٽ واش: پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ به ڪينگروز کي 111 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان آسٽريليا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شاهينن مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسن جي ٽارگيٽ ڏنو،فخر زمان 10، صائم ايوب 56، بابر اعظم 50، خواجه نافي 21، ڪپتان سلمان علي آغا 5 ۽ شاداب خان 46 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، آسٽريليا طرفان بين دوارشيئس 2، شارٽ، زمپا ۽ ڪونولي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ٻئي اننگز ۾ پاڪستان بالرن جو جادو هلي ويو، آسٽريليا جي پوري ٽيم 96 رنسن تي ڍير ٿي وئي، 9 ڪينگروز رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه اچي سگهيا، ڪيميرون گرين 22، اسٽوئنس 23 ۽ جوش فلپي 13 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، پاڪستان طرفان محمد نواز 5، شاهين 2، ابرار ۽ نسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،