ڪرپشن بنا اثاثا ڪيئن وڌيا؟ نواز شريف تي صحيح الزام نه لڳو، نيب کي ثبوتن جي خبر ئي ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

نومبر 27, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، نواز شريف وڪيلن سان گڏ پيش ٿيو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته معذرت سان چارج صحيح فريم نه ٿيو آهي، نه ئي نيب کي خبر آهي ته شاهديون ڪهڙيون آهن؟ ڇا نيب کي رڳو ٽپالي جو ڪم ڪرڻو هو يا پنهنجو به ذهن استعمال ڪرڻو هو، نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب شاهدن جي بيانن کانسواءِ پختا ثبوت پيش نه ڪيا، نواز شريف کي مالڪ ۽ مريم نواز سوڌو ٻين ٻارن کي بي ناميدار ثابت ڪرڻ جو بار پراسيڪيوشن تي هو، اسان جو موقف اهو ئي رهيو ته چارج غلط فريم ٿيو، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته نيب ثابت ڪرڻ جي ڪوسش ڪئي ته مريم نواز کي بينيفشل ٿيڻو آهي، نواز ليگ جي وڪيل چيو ته نيب اها ڪوشش ضروري ڪئي پر ڪو ثبوت پيش نه ڪيو، اعظم نذير تارڙ چيو ته پيشي دوران ڏکيائي ٿيندي آهي، نواز شريف کي حاضري کان ڇوٽ ڏيو، جسٽس عامر فاروق چيو توهان ان لاءِ درخواست داخل ڪريو، اعظم نذير تارڙ چيو نواز شريف خوشي سان عدالت ايندو آهي، ڇوٽ جي درخواست داخل نه ڪندو، جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت بلينڪٽ آرڊر ته جاري نٿي ڪري سگهي، سڀ ڪجهه قانون ۽ قاعدن سان تحت هلڻو آهي يا نه، ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي، باقي عدالتي ڪمري ۾ ماڻهن جو انگ گهٽ ڪنداسين، نواز شريف جي وڪيل وڪيل چيو ته احتساب عدالت ڪرپشن الزامن کان بري ڪيو، پر آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي سزا ٻڌائي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جيڪڏهن هڪ عوامي نمائندي جا اثاثا جيڪڏهن معلوم آمدني کان وڌيڪ آهن ته بنا ڪرپشن جي اهي ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو؟ وڪيل چيو ته نيب جاچ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ يا شاهدن جي بيانن تي ڀاڙيو، جاچ به ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي، شاهدن جي بيانن کانسواءِ ڪي به پڪا ثبوت پيش نه ڪيا، نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ته سپريم ڪورٽ آرڊرز جي روشني ۾ اسان وٽ ريفرنس کانسواءِ ڪو به آپشن نه هو ، نواز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته بنياد ختم ٿي ويو ته عمارت ڪيئن بيٺل رهي؟ جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ۾ چيو ته ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ جون حقيقتون تمام اهم آهن، جي آءِ ٽي جا ٽي او آرز ڪٿي آهن؟ جي آءِ ٽي ۾ ڪيترا ماڻهو هئا، سپريم ڪورٽ جي آرڊر ۾ ٻڌايو ته ٽي او آرز ڪٿي آهن، جي آءِ ٽي کي ڇا ڪرڻو هو؟ وڪيل ٻڌايو ته 20 اپريل 2017ع تي سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ نواز شريف خلاف لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي، سپريم ڪورٽ پاناما بابت درخواستن تي فيصلي ۾ معاونت لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي جنهن پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، جنهن بعد دليل طلب ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ کي وزيراعظم پاڪستان تي نا اهل قرار ڏنو، سپريم ڪورٽ نيب کي نواز شريف فيصلي جي 6 هفتن ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي؟ نواز شريف، مريم نواز، حسين نواز، حسن نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس داخل ڪيو ويو، فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف، حسين ۽ حسن نواز خلاف العزيزيه اسٽيل ملاز ريفرنس داخل ڪيو ويو، احتساب عدالت کي 6 مهينن ۾ ريفرنس تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. نواز شريف کي العزيزيه ۾ 7 سال ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سا سزا ٻڌائي وئي هئي، عدالت نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment