ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف دليل پيش ڪرڻ جي هدايت

نومبر 21, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف وڪيلن کي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، نواز شريف قافلي جي صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ بعد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيو

چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اونگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، عدالت وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

عدالت ٻنهي ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ واري نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

نواز شريف وطن واپسي بعد سزا خلاف اپيلن جي بحاليءَ لاءِ 23 آڪٽوبر تي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، نواز شريف جي آمد جي موقعي تي شهباز شريف، خواجا آصف ۽ ٻيا اڳواڻ به عدالت ۾ موجود رهيا

Leave A Comment