اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز شريف العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان سندس وڪيل امجد پرويز ايڊوڪيٽ درخواستون داخل ڪرايون، درخواستن ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته مان بيماريءَ مان اڃا مڪمل طور صحتياب نه ٿيو آهيان، پر ملڪ جي بدتر معاشي حالتن کي ڏسندي واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لنڊن ۾ قيام ڊگهو ٿيڻ تي نوازشريف جون سزا خلاف اپيلون جون 2021 ۾ خارج ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ته نواز شريف سڀاڻي عدالتن ۾ سرينڊر ڪندو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف جي توشا خانه ڪيس ۾ وارنٽ معطل ڪيا هئا
عدالت فيصلي ۾ چيو ويو هو ته نوازشريف 24 آڪٽوبر تائين نه آيو ته گرفتاري وارنٽ بحال ٿي ويندا