| نواز شريف اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرايو؟ اندروني ڪهاڻي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور مقرري جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. جميعت علماءِ اسلام جي سينيٽر ڪامران مرتضي دعوي ڪئي آهي ته محمود خان اچڪزئي سڌي ريت نواز شريف سان رابطو ڪيو، جنهن بعد نواز شريف پنهنجي اندر جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ کيس اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرايو آهي. هي قدم ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع ميثاق جمهوريت جي بنياد ٿي سگهي ٿو. قومي اسيمبلي جيان سينيٽ ۾ پڻ اپوزيشن ليڊر جي مقرري ڪئي وڃي.