نواز شريف بلوچستان ۾ ديرو ڄمائي ورتو: باپ، جي يو آءِ ۽ نيشنل پارٽي جي قيادت سان ملاقاتون: چاهيون ٿا سڀني کي گڏ کڻي هلون: نواز شريف

نومبر 14, 2023

ڪوئيٽا(پنهنجي ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف بلوچستان ۾ ديرو ڄمائي ورتو، باپ، جي يو آءِ ۽ نيشنل پارٽي جي قيادت سان ملاقاتن دوران سندس چوڻ هو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا

ن ليگ سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف وڏي عرصي بعد بلوچستان جي ٻن ڏينهن واري دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جٿي سندس انتهائي اهم ملاقاتون ٿيون آهن

ڏيهه واپسي بعد پهريون ڀيرو ڪوئيٽا جي دوري تي پهتل نواز شريف سان بلوچستان جي سياسي قيادت سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، خالد مگسي، عبدالمالڪ بلوچ، جان محمد جمالي، صالح ڀوتاڻي، منظور ڪاڪڙ، نواب اياز جوگيزئي ۽ ٻين ملاقات ڪئي

ان موقعي تي شهباز شريف، مريم نواز، پرويز رشيد ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ به موجود هئا، نواز شريف چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جو سفر اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد روڪيو ويو، اسان صوبي ۾ ٻيهر ترقي آڻينداسين، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري روايت تي هلنداسين

هن چيو ته سدائين سڀني کي گڏ کڻي هليا آهيون، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي روايت تي قائم رهنداسين، سڀني سان سهڪار جو رشتو جوڙيو هو، اُنهي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين،

بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ ڄام ڪمال خان چيو ته پارٽي ۾ مشاورت بعد نواز شريف کي فيصلي کان آگاهه ڪنداسين

ن ليگ سربراهه نواز شريف سان جي يو آءِ ف بلوچستان ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻن  به ملاقات ڪئي ان موقعي تي ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحاد جوڙڻ سميت سياسي صوتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

Leave A Comment