نواز شريف تي مهربانين مٿان مهرباني: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال، نيب به راضي
آڪٽوبر 27, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظورڪري ورتيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا خلاف اپيلن ۽ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي به ٻڌڻي ٿي، عدالت سمورين درخواستون گڏيل طور ٻڌيون ويون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪري ڇڏيون
عدالت اپيلن بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست ۽ ٻين درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي هلائي، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته نوازشريف جون اپيلون بحال ڪرڻ تي نيب کي ڪو به اعتراض نه آهي، اهو تاثر ڏنو ويو ته ڄڻ نيب سرينڊر ڪيو آهي، اهڙي صورتحال نه آهي، روپوش جوابدار سرينڊر ڪيو آهي ته سندس اپيل بحال ٿيڻ گهرجي
نيب چيئرمين ان ڳالهه سان متفق آهي ته پهرين مرحلي ۾ اپيلون بحال ڪرڻ تي اعتراض نه ڪنداسين، اپيلون بحال ٿي ويون ته شاهدين جو جائزو وٺڻ بعد عدالت ۾ موقف اختيار ڪنداسين، عدالتي پڇاڻي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف کي گرفتار نٿا ڪرڻ چاهيون، نيب وٽ ريفرنس واپس وٺڻ جو اختيار ناهي، هن اسٽيج تي ريفرنس واپس نٿو وٺي سگهجي، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ريفرنس ٺاهيو ويو، جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي، فيصلي کان اڳ ريفرنس واپس وٺي سگهجي پيو، ٻنهي ڪيسن ۾ اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، جن تي فيصلو ٿيڻو آهي
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته ترميم بعد پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس نيوٽرل آفيس ٿي وئي آهي، پراسيڪيوٽر جنرل آفيس صرف ليڊ ڪرڻ لاءِ ناهي پر بيلنس ڪرڻ لاءِ به آهي، وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته مريم نواز جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت جي فيصلي ۾ عدالت واضح ڪري ڇڏيو آهي
عدالت چيو ته نيب کي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا پر ٽئي ڀيرا وڪيل تبديل ڪيا ويا، عدالت فيصلي ۾ لکيو ته نيب نواز شريف جو ڪردار به ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻڌڻي دوران نوازشريف عدالتي ڪمري ۾ شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ موجود رهيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جون اپيلون بحال ڪري ڇڏيون. نواز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي اپيل بحال ٿيڻ تي ضمانت به ٿي وئي آهي، العزيزيه ڪيس ۾ پنجاب حڪومت نواز شريف جي سزا معطل ڪري چڪي آهي.