نواز شريف جا پٽ حسين ۽ حسن ايون فيلڊ، العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز مان آجا

مارچ 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پُٽن حسين ۽ حسن نواز کي ٽن ريفرنسز ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ حسين ۽ حسن نواز خلاف ٽن ريفرنسز ۾ بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت حسين ۽ حسن نواز ايون فيلڊ، العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز ۾ بري ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته حسن ۽ حسين نواز خلاف ڪيس هلائڻ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ برابر هوندو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز ۽ نواز شريف کي ڪيس ۾ آجو قرار ڏنو هو، نيب جي وڪيل چيو ته حسن ۽ حسين نواز جي ڪيسز ۾ مُک جوابدار بري ٿي چڪا آهن، نيب پاران مريم نواز جي بريت کي چئلينج نه ڪيو ويو هو

Leave A Comment