نواز شريف جو ڀلي رياستي استقبال ٿئي، پر چونڊون نه کٽندو: پ پ

آڪٽوبر 19, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 20 هزار اهلڪارن جي ڊيوٽي سان نواز شريف جو جلسو ٿي ئي ويندو، پر رياستي سطح تي استقبال سان چونڊن ۾ ڪاميابي نٿو ماڻي سگهي

 ن ليگ سربراهه جي پاڪستان آمد ۽ واپسي بابت جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته نواز ليگ طرفان نواز شريف جي آجيان جي بدلي ۾ جنت جو اعلان ڪرڻ حيرت جوڳو آهي

ٻئي طرف فيصل ڪريم چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اليڪشن جو اعلان ڪري، سليڪشن تمام گهڻي ٿي چڪي آهي هاڻي اليڪشن ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص جي سليڪشن لاءِ چونڊن کي روڪيو پيو وڃي

Leave A Comment