نواز شريف جي اين اي 130 تان ڪاميابي چيلينج: درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور

اپريل 16, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اين اي 130 تان ڪاميابي چئلينج ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري  نواز شريف جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو

 نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا پڻ ڪئي وئي جڏهن ته اليڪشن ٽربيونل نواز شريف جي ڪاميابي خلاف درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي، جسٽس سلطان تنوير احمد تي ٻڌل اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي درخواست تي ٻڌڻي هلائيندو

Leave A Comment