تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

نواز شريف جي تقرير بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي…اشو آف دي ڊي

مخالف ڌر جي 11 پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي گوجرانوالا ۾ ٿيل پهرين جلسي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ نواز شريف، بلاول ڀٽو، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان جي تقريرن جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ حڪومت جي حمايت واريون پوسٽون به سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن، نواز شريف پاران ادارن تي الزام لڳائڻ بعد نواز شريف جي حمايت ۽ مخالفت ۾ پوسٽون شيئر ڪيون ويون. نواز شريف جي تقرير جي ردعمل ۾ اپوزيشن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ٽرينڊز هلايا ويا. مريم نواز شريف پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڪرڪيٽ کيڏڻ واري تصوير شيئر ڪئي جنهن تي لکيل هو ته مين آف دي ميچ، اسڪور 100 (ناٽ آئوٽ). مشرف زيدي ٽوئيٽ ڪيو ته اي پي سي جي مقابلي ۾ هي انداز وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي، هي ان انداز ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نواز شريف پنهنجي حڪومت خلاف سازش ڪندڙن جو الزام هڻي رهيو آهي، نازيه ميمڻ ٽوئيٽ ڪيو ته ان تقرير سان باهه ٻري وئي آهي جيڪڏهن اها وسامي به وڃي ته دونهون ۽ ان جو اثر دير تائين رهندو. محمد تقي لکيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙا الزام هنيا ويا آهن، حامد مير لکيو ته نواز شريف جي تقرير ته سٺي هئي هن الزام هنيا پر انهن الزامن تي سوال ته ٺهي ٿو ته اوهان جي پارٽي باجوه صاحب جي مدت ملازمت ۾ واڌ جي حمايت ڪئي هئي، پر سوال ڪئين پڇون؟ جنيد سليم لکيو ته نواز شريف جي تقرير سڌي ريت ٽڪراءُ جي شروعات آهي، عاصمه شيرازي لکيو ته نواز شريف اهو سڀ ڪجهه چيو جيڪو صرف سوچي ئي سگهبو هو، صورتحال بدلجي وئي آهي. غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو ته نواز شريف جي تقرير ميڊيا ۾ ته نه ڏيکاري وئي پر جلسي ۾ موجود ماڻهن ٻڌي، رڪارڊ ڪئي، سوشل ميڊيا تي هلائي وئي، ڇا ان تقرير جو بار نواز ليگ برداشت ڪري سگهندي؟ فاروق سومرو لکيو ته گوجرانوالا جلسي سان پي ٽي آءِ حڪومت جي حالت اها ٿي وئي آهي جو اها مولانا فصل الرحمان جي به همدرد بڻجي وئي آهي، شيخ رشيد، شبلي فراز ۽ فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس ٻڌي لڳي ٿو ته گوجرانوالا جلسي وڏو ٻڙڌڪ مچايو آهي کين خبر ئي نٿي پوي ته ڇا ڳالهائڻو آهي. سليم صافي لکيو ته ڪالهه کان سوچي رهيو هيس ته پي ڊي ايم پاران پي ٽي ايم کي دعوت ڇو نه ڏني وئي، هاڻي خبر پئي ته نواز شريف کي نواز پشتين بڻجي منظور پشتين جي تقرير پاڻ کي ڪرڻي هئي، شمع جوڻيجو لکيو ته ميان صاحب جي تقرير بعد ڪا ٻي تقرير سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي، بسما محمود جلسي جون تصويرون شيئر ڪيون، زارا انصاري لکيو ته گوجرانوالا جلسي سان اپوزيشن اتحاد گو عمران گو تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو حدف ادارا آهن، مولانا فضل الرحمان اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پ پ چيئرمين بلاول پارليامينٽ ۾ رهي احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو. فواد چوڌري جلسي وقت ٽوئيٽ ڪيو ته سڪون سان ڪرڪيٽ هاءِ لائيٽس ڏسي رهيا آهيون، ويچاري اپوزيشن، تصوير ۾ شبلي فراز، علي زيدي به نظر اچي رهيا آهن. جنهن تي ردعمل ڏيندي امداد سومرو لکيو ته گهٻراهٽ ۾ جاري ڪيل تصوير ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ ڏسي رهيا آهيون، ڀائو اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ نه پر تاريخي جلسو ٿيو آهي. ان کانسواءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي ڪالهه پاڪ فوج هماري جان، آرٽيڪل سڪس فار نواز شريف، جنگ، پريئرز، نيوزيلينڊ ۽ ٻيا ٽرينڊز هلندا رهيا. جنهن ۾ مليحا هاشمي لکيو ته نواز شريف کي ادارن تي حملا نه ڪرڻ گهرجن، اسان پنهنجي ادارن سان گڏ آهيون، امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته طاقتورن جي ويڙهه جو مزو ئي پنهنجو آهي، محسن رند لکيو ته نواز شريف جي تقرير کانپوءِ لڳي ٿو ته مارشل لا لڳي سگهي ٿي، نواز شريف ٻيڙيون ساڙي ميدان تي لٿو آهي. محسن جويو لکيو ته پنجاب سڌي جهيڙي جي شروعات ڪري ڇڏي، نصير گوپانگ لکيو ته اڄ يقين آيو ته واقعي نواز شريف نظرياتي ٿي چڪو آهي. امر سنڌو لکيو ته نه اشارو نه علامت نواز شريف سڌو نالو کنيو، منهنجو خيال آهي ته اسان اهو پهريون ڀيرو ٻڌي رهيا آهيون.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *