نواز شريف جي رستي جي آخري رنڊڪ به ختم: سپريم ڪورٽ سياستدانن جي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي، جھانگير ترين به چونڊن لاءِ اهل

جنوري 9, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سياستدانن جي تاحيات نااھلي ختم ڪرڻ جو مختصر لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، ستن صفحن تي مشتمل مختصر فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو اختلاف نوٽ بھ شامل آهي. تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڪيس هلايو هو. تاحيات نااهلي ڪيس جو فيصلو پنج جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو ڪالهه جاري ڪيو ويو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ سميع الله بلوچ نااهلي ڪيس جي فيصلي کي اوور رول ڪري ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ جاري ڪيل مختصر فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ آرٽيڪل 62 ون ايف کي اڪيلو پڙھيو وڃي تھ ان تحت سزا نٿي ٿي سگھي. آرٽيڪل ون ايف ۾ شامل ناھي تھ ڪورٽ آف لا ڇا آھي. آرٽيڪل 62 ون ايف اھو واضح نٿو ڪري تھ ڊڪليرئيشن ڪنھن کي ڏيڻي آھي. آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ لکيل ناھي تھ نااھليءَ جو مدو ڪيترو ھجڻ گھرجي. اھڙو ڪو قانون ناھي جيڪو واضح ڪري تھ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااھليءَ جو طريقيڪار ڇا ٿيندو. اھڙو ڪو بھ قانون ناھي جيڪو واضع رھي تھ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااھليءَ جا ڪارڻ ڪھڙا ھوندا. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نااھلي فيئر ٽرائل ۽ قانوني تقاضن مطابق آھي يا نھ اھو بھ واضع ناھي. سپريم ڪورٽ پاران جاري لکت واري فيصلي مطابق آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااھلي آرٽيڪل جي اسڪوپ کان ٻاھر آھي. ڄاڻايل آرٽيڪل تحت تاحيات نااھلي جو تصور بنيادي حقن جي شقن سان ھم آھنگ ناھي ۽ تاحيات نااھلي چونڊون وڙھڻ ۽ عوام جي ووٽ جي حق متعلق ٽڪراءٌ آھي. جيستائين آرٽيڪل 62 ون ايف متعلق قانون سازي نٿي ٿئي. ان کي آرٽيڪل 62 ون ڊي اي جي طرح ئي پڙھيو وڃي. سپريم ڪورٽ سميع اللھ بلوچ فيصلو رد ڪيو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ سميع اللھ بلوچ ڪيس ۾ تاحيات نااھلي جي ڊڪليئريشن ڏئي آئين بدلڻ جي ڪوشش ڪئي. اليڪشن ايڪٽ تحت پنج سال جي اناھلي جو قانون فيلڊ ۾ آھي. عدالت اليڪشن ايڪٽ جي اسڪوپ کي موجودا ڪيس ۾ نھ ڏسي رھي آھي. سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري علي عمران تاحيات نااھلي تحت ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ کي ڏنل درخواست واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ بار جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪئي وڃي ٿي. لکت ۾ جاري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آھي تھ فيصلي سان اختلاف ڪريان ٿو. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت اميدوار جي اھليت جو تعين تاحيات آھي نھ ئي مستقل. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت اھليت ڪورٽ آف لا جي ڊڪليئريشن تائين محدود آھي. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااھليءَ تيستائين برقرر رھندي آھي جستائين ڪورٽ آف لا جي ڊڪليئريشن موجود آھي. طئي ٿي ويو آھي تھ سپريم ڪورٽ جو سميع اللھ بلوچ ڪيس وارو فيصلو درست ھيو. پنهنجي فيصلي ۾ عدالت ويب سائيٽ تي فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ ضروري هو ته هي فيصلو تڪڙو جاري ڪيو وڃي. سمورن وڪيلن ۽ اٽارني جنرل جي اچڻ تي سندن ٿورائتا آهيون.  هوڏانهن قانوني ماهرن موجب سياستدانن جي تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو سربراهه جھانگير ترين جي نااهلي ختم ٿي وئي آهي ۽ اهي هاڻي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.

Leave A Comment