| نواز شريف جي سيٽ بچي وئي: ياسمين راشد جي درخواست ٽيڪنيڪل بنيادن تي خارج |
لاهور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 تان نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن درست قرار ڏيندي ياسمين راشد جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. ياسمين راشد طرفان نواز شريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو هو، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل جي جج راڻا زاهد محمود فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ ياسمين راشد جي درخواست کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي خارج ڪندي اين اي 130 تان نواز شريف جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کي برقرار رکيو ويو. واضح رهي ته فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 130 تان نواز شريف هڪ لک 79 هزار 312 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ياسمين راشد هڪ لک 4 هزار 491 ووٽ کنيا هئا. ياسمين راشد سندس ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو.