اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف قانوني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي
ذريعن موجب وزير قانون اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ خصوصي معاون عطا تارڙ، عرفان قادر ۽ قانوني مشير شامل آهن، ڪاميٽي ۾ نواز شريف جي ڪيسز جي پيروي ڪندڙ امجد پرويز ۽ ٻيا وڪيل به شامل آهن
قانوني ٽيم نواز شريف جي عدالتن ۾ جاري ڪيسز ۾ پيروي کي تيز ڪندي، نا اهلي ۽ ڪيسز جي خاتمي لاءِ ڪم تيز ڪيو ويندو
قانوني ٽيم نواز شريف جي وطن واپسي ۾ قانوني رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي