نواز شريف جي وطن واپسي جو سفر شروع: لنڊن کان سعودي روانو

آڪٽوبر 11, 2023

لنڊن(پنهنجي ڊيسڪ)اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لنڊن کان سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، عمرو ادا ڪرڻ بعد دبئي کان پاڪستان ايندو

تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، لنڊن کان هيٿرو ايئرپورٽ رستي سعودي عرب روانو ٿيو

نواز شريف سعودي عرب ۾ عمرو ادا ڪرڻ بعد دبئي ويندو، دبئي مان خصوصي جهاز تي 21 آڪٽوبر تي پاڪستان روانو ٿيندو

ٻئي طرف ن ليگ اڳواڻ  مريم نواز لاهور ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي خطاب دوران چيو آهي ته سمورا تجربا ناڪام ٿي ويا، رڳو نواز شريف جو تجربو ڪامياب رهيو

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڏکيائين جو حل ٻڌائڻ لاءِ واپس رچي رهيو آهي، عوام نواز شريف کي پنهنجو همدردر ۽ ساٿي سمجهي ٿو، اجلاس ۾ نواز شريف جي آجيان لاءِ انتظامن جو جائزو ورتو ويو

Leave A Comment