نواز شريف سمجهي ٿو کيس فائدو ٿيو آهي، لڳي ٿو هن ماضي مان سبق ناهي سکيو: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 9, 2024

اسلام آباد(م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاحيات ناهالي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ٻڌائي ڇڏيو آهي. ميان صاحب اهل آهي يا نه، اهو وڪيل ٻڌائيندا. هاڻي نااهلي جو مدو 5 سال آهي. هڪ انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيوته نواز شريف سمجهي رهيو آهي ته سندس فائدو ٿيو آهي.  لڳي ٿو نواز شريف ماضي مان سبق ناهي سکيو. پي ٽي آءِ جي باني کي به ماضيءَ مان سبق سکڻ گھرجي. هن چيو ته هن فيصلي کان پوءِ باني پي ٽي آءِ سڀاڻي نااهل ٿيندو ته پنج سالن لاءِ ٿيندو. اسين پاڪستان جي جمهوريت ۾ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا. چيلينجز کي سياسي طريقي سان منهن ڏيڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. ذوالقفار ڀٽو پاڪستان جي قومي سلامتي تي ڪڏهن سودي بازي نه ڪئي. خان صاحب خفيه دستاويزن ذريعي قوم کي بي قوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.  سائفر ڪيس جي هر ڪاپي رڪارڊ تي آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي ڪاپي گم ٿي وئي. هن چيو ته جنهن ڏينهن پي ٽي آءِ باني گرفتار ٿيو، ان ڏينهن سائفر لڪي ويو.  هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ اليڪشن عمل جي قانوني حيثيت کي نقصان پهتو آهي. ن ليگ وارا چاهين ٿا ته عوام کي ڏيکارين ته ماڻهو ساڻن گڏ آهن. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني چوندو آهي ته ن ليگ ۽ پي پي ۾ ناني ويڙهو آهي پر ايئن نه آهي. پي ٽي آءِ باني ماڻهن کي جيل ۾ وڌو هو. هن چيو ته سياسي جماعتن کي پنهنجي اندر سياسي سوچ آڻڻ گھرجي.  چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت مولانا فضل الرحمان جي بيان تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کي ذاتي سبب هوندا. ماضي ۾ دهشتگردي جا واقعا ان کان وڌيڪ هئا، پوءِ به اليڪشن ٿي. هن چيو ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ جي قرارداد ۾ وزن نه آهي. پر قائد ايوان جي مرضي کان سواءِ اها قرارداد نٿي اچي سگهي. سينٽ جي قرارداد تي ن ليگ کان ضرور پڇڻ گھرجي ته ڪيئن آئي.  هن چيو ته آئون سمجھان ٿو بي بي جي شهادت تي به اليڪشن ۾ دير نه ٿيڻ گھرجي ها.  2013ع جي چونڊن کان اڳ پيپلزپارٽي اليڪشن مهم نه ٿي هلائي سگهي. اسان جي اليڪشن مهم کي ناڪام ڪرڻ لاءِ يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو پر اسان چونڊن ۾ حصو ورتو. هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت کي پي ٽي آءِ سرڪار کي ڪائونٽر ڪرڻو هو.  هوڏانهن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته چونڊن جي تياري ڪئي وڃي، چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ دم آهي يا سينيٽرن جي؟ عمران پنهنجي غلطين تي توبهه ڪري معافي وٺي،  شهيد ڀٽو جي ڪيس جو جهڙي طرح فيصلو ڪرايو ويو ، تاريخ ان جي گواهه آهي، چيف جسٽس مان اميدون آهن

Leave A Comment