اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران نون ليگ سان گڏجي چونڊون وڙهڻ جو اعلان، ٻنهي جماعتن پاران چونڊن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو
نون ليگ جو قائد ميان نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد سڌو مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران گڏجي چونڊ وڙهڻ تي اتفاق ٿيو
ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ مريم اورنگزيب به موجود هئا، ملاقات ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي خلاف انتهاپسنداڻو رويو اختيار نه ڪنداسين، اسان تلخيون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪنهن به جماعت کي سندس حق کان محروم ڪرڻ نه ٿا چاهيون
هن چيو ته نواز شريف اسان جي تنظيمي شهيدن لاءِ فاتحه خواني به ڪئي جڏهن ته طئي ڪيو ويو ته ٻئي جماعتون مستقبل ۾ به هڪ ٻئي کي گڏ کڻي هلنديون