لنڊن/اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) ن ليگ سربراهه نواز شريف نگران وزيراعظم لاءِ نالو فائنل ڪري ڇڏيو، زرداري ۽ فضل الرحمان پڻ اتفاق ڪيو، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ سميت نالن تي مشاورت جاري آهي اڄ رات تائين نالو سامهون آندو ويندو
ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف نگران وزيراعظم لاءِ نالو فائنل ڪري ورتو آهي جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ ن ليگ سربراهه سان نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي
ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 2023ع اليڪشن جو سال ناهي، نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ سميت ٻين نالن تي مشاورت ٿي رهي آهي، اڃا ڪو به نالو فائنل ناهي ٿيو، اڄ رات 10 وڳي تائين نالو سامهون اچي ويندو
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي سياست کي پوائنٽ آف نو ريٽرن تي پهچائي ڇڏيو هو، جنهن کي ڪنهن تي به اعتبار نه هجي، اُن کي ڪهڙي سياست ڪرڻي آهي؟ هاڻي يا ته پي ٽي آءِ چيئرمين سياست ڪندو يا اسان ڪنداسين
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ائين نه سمجهي ته جيل مان نياپا اُماڻي اسان کي ڊيڄاري سگهندو، عوام ۽ ادارا ساڻس گڏ نه هوندا، اُهي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن آڻيندڙن سان گڏ هوندا، هو عام قيدين سان گڏ رهڻ جو تجربو ڪري وٺي، اسان به ائين رهندا هئاسين
وفاقي گهرو وزير چيو ته جيئن پي ٽي آءِ چيئرمين رهي ٿو، جيل ۾ مٿس ڪو به تشدد ناهي ڪيو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين درخواست ڏئي ته هو عام قيدين سان گڏ نه ٿو رهڻ گهري، بي ڪلاس جون سهولتون اٽڪ ۽ اڊيالا جيل ۾ ڏئي سگهجن ٿيون
هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته 2017ع ۾ جيڪا آدمشماري ٿي، ان تي ٻيهر اليڪشن نه ٿي سگهندي، آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته آدمشماري ٿي وڃي ته تڪبنديون ضروري آهن، نگران حڪومت آئيني گهرجن کي پورو ڪري تڪبنديون ڪرائيندي، تڪبندين ۾ لڳ ڀڳ 120 ڏينهن لڳن ٿا، اليڪشن ملتوي نه ٿيندي ۽ نگران حڪومت بروقت اليڪشن جو بندوبست يقيني بڻائيندي
راڻا ثناءُ الله چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي ڊسڪشن ٿي رهي آهي، اڃا ڪو به نالو لاڪ ناهي ٿيو، اڄ رات 10 وڳي تائين نگران وزيراعظم جو نالو شايد فائنل ٿي وڃي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي نه اڳ جي آهي