نواز شريف پاران آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر

نواز شريف پاران آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش ظاهر

مظفرآباد (م ڊ) ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿياسين ته وزيراعظم شهباز شريف کي چوندس مون کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ڪريو، چونڊن ۾ نواز ليگ کي ووٽ ڏنا ته هر ٽئين مهيني آزاد ڪشمير ايندس ۽ پاڻ مسئلا حل ڪندس، مظفرآباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي حڪومت آئي ته سمورا مسئلا حل ڪنداسين، مريم نواز کي هديت ڪئي آهي ته جيڪو ڪم پنجاب ۾ ڪري رهيا آهيو، اُهو ئي ڪم آزاد ڪشمير ۽ مظفر آباد ۾ ڪريو، مظفرآباد لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ 10 نيون گرين بسز اچي وينديون، پنجاب سرڪار پاران آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي ڪلينڪ آن ويلز جون 15 گاڏيون ڏنيون وينديون، هن چيو ته پهريان اسان آزاد ڪشمير جي بجيٽ ٻيڻ تي وڌائي هئي ۽ هاڻ ڏهوڻ تي اضافو ڪنداسين. هن چيو ته ڏک اهو آهي ته اسان تمام گهڻو وقت ضايع ڪيو، مون کانپوءِ آيل حڪومتن نعريبازي ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي.