لاهور هاءِ ڪورٽ (پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي قائد ميان نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ اهل قرار ڏيڻ ۽ عمران خان کي پارٽي صدارت لاءِ نا اهل قرار ڏيڻ جي درخواست رد ٿي وئي آهي
لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي پارٽي صدارت جي عهدي تي بحالي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي رجسٽرار آفيسر جا اعتراض برقرار رکيا ويا
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي ٻڌڻي ڪئي ۽ نواز شريف جي پارٽي صدارت واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪئي وئي
عدالت چيو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نا اهل ڪيو هو درخواستگذار سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري
واضح رهي ته 2017ع ۾ نواز شريف کي نا اهل قرار ڏئي 2018ع ۾ پارٽي صدارت تان به هٽايو ويو هو، عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد پارٽي صدارت تان هٽائڻ جون درخواستون داخل ڪيون هيون
نواز شريف جي پارٽي صدارت تي بحالي واري درخواست ۾ چيو ويو ته عمران خان کي به نا اهل قرار ڏنو ويو آهي پر عهدي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي
عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت تي پورا نٿا لهن انهن کي به نا اهل قرار ڏنو وڃي ۽ نواز شريف کي واپس عهدي تي بحال ڪيو وڃي