نواز شريف ڀاءُ شهباز شريف ۽ ڌيءُ مريم کي ڀاڪر ۾ ڀريو

آڪٽوبر 21, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) مريم نواز جلسي گاهه تي والد کي ڳراٺڙي پائي مٺي ڏني، نواز شريف ڀاءُ شهباز شريف ۽ ڌيءُ مريم کي ڀاڪر ۾ ڀريو

مريم نواز والد سان گڏ جلسي ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ کان اڳ والده ۽ ڏاڏي جي قبرن تي حاضري ڀرَي دعا گهري، والد جو هيليڪاپٽر ڏسي مريم نواز جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا

سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير مان ليگي ڪارڪنن جا قافلا مينارِ پاڪستان پهتا، پارٽي جي گيتن تي جهمريون، عورتن جو جوش ۽ جذبو به ڏسڻ وٽان هو

Leave A Comment