نواز شريف کي شڪست، مانسهره مان پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار ڪامياب قرار

فيبروري 29, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مانسهره جي قومي تڪ اين اي 15 تي نواز شريف کي شڪست، پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار گشتاسپ خان ڪامياب قرار ڏنو ويو

رٽرننگ آفيسر قومي تڪ جو فارم 49 جاري ڪري ڇڏيو، فارم 49 موجب گشتاسپ خان هڪ لک 5 هزار 259 ووٽ کڻي ڪامياب،نواز شريف کي 80 هزار 413 ووٽ مليا

گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن نتيجن کي چئلينج ڪندڙ نواز شريف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي، اليڪشن ڪميشن نواز شريف کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي

Leave A Comment