نواز شريف کي هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏا رليف: ايون فيلڊ ڪيس ۾ضمانت، توشانه ڪيس ۾ اشتهاري ڏوهاري وارو اسٽيٽس ختم: پنجاب جي نگران سرڪار به العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطل ڪري ڇڏي

آڪٽوبر 24, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏا رليف ملي ويا، ايون فيلڊ ڪيس ۾ضمانت ۾ واڌ،  توشانه ڪيس ۾ اشتهاري ڏوهاري وارو اسٽيٽس ختم، پنجاب جي نگران سرڪار به العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطل ڪري ڇڏي

مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سينيئر اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، اعظم نذير تارڙ ٻنهي ڪيسن ۾ ٻڌايل سزا خلاف نواز شريف جون اپيلون بحال ڪرڻ جون درخواستون عدالت آڏو پيش ڪيون

چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته نواز شريف کي جسٽيفاءِ ڪرڻو آهي ته هو روپوش ڇو ٿيو؟ هو عدالت آڏو ڇو پيش نه ٿيندو رهيو؟

وڪيل امجد پرويز چيو ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالت مان غير حاضر نه رهيو، اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته مان هنن ڪيسن ۾ 5 سالن کانپوءِ واپس آيو آهيان، 5 سالن کانپوءِ سمجهڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ته ڇا هي اها ئي نيب آهي، ڇا توهان نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿا؟

نيب جي وڪيل چيو ته نيب نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ نه ٿي چاهي، نيب کي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ تي ڪو اعتراض نه آهي، چيف جسٽس چيو ته  ٻيهر پڇون ٿا ته ڇا نيب نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي؟

نيب جي وڪيل چيو ته نه اسان گرفتار ڪرڻ نه ٿا چاهيون، عدالت نوازشريف جي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ٻئي طرف اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نوازشريف جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي سندس اشتهاري ڏوهاري وارو اسٽيٽس به ختم ڪري ڇڏيو

نواز شريف توشه خانه ريفرنس ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، نوازشريف جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي احتساب عدالت  10 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

جج محمد بشير وڪيلن کي اشارو ڪيو ته نواز شريف کي وٺي وڃو، نوازشريف ڪيس ۾ حاضري لڳائڻ بعد عدالت مان روانو ٿي ويو

نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته نوازشريف جا دائمي وارنٽ معطل ڪيا وڃن، نواز شريف سرينڊر ڪيو آهي، سندس روپوش ڏوهاري وارو اسٽيٽس ختم ٿي ويو آهي، دائمي وارنٽ معطل ٿيڻ بعد ئي ٽرائل اڳتي وڌندو

 احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

هوڏانهن پنجاب جي نگران ڪابينا العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي ٻڌايل سزا معطل ڪري ڇڏي آهي، نگران صوبائي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي نوازشريف جي سزا معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني

سڌسماءَ واري نگران صوبائي وزير عامر تصديق ڪندي چيو آهي ته نواز شريف پاران سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي، عامر مير جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا آئيني اختيار استعمال ڪندي سزا معطل ڪئي، ڪيس جو حتمي فيصلو عدالت ئي ڪندي

 عامر مير موجب ڪرمنل پروسيجرل ڪوڊ جي سيڪشن 401 تحت نواز شريف جي سزا معطل ڪئي وئي، سيڪشن 401 تحت حڪومت ڪنهن به ڏوهاري جي سزا معاف ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، نواز شريف جي 2019 ۾ لنڊن روانگي کان اڳ به سيڪشن 401 تحت سزا معطل ڪئي وئي هئي

Leave A Comment