نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو گڏجي حڪومت ٺاهيندا، اليڪشن وقت عمران کي آزاد ڪيو وڃي: مخدوم جميل الزمان

نومبر 21, 2023

هالا: پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان  چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سميت جيل ۾ قيد سمورن سياستدانن کي آزاد ڪري چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، اهڙي اليڪشن ڪرائي وڃي جو عوام جنرل يحيٰ جي ڪرايل اليڪشن جيان ياد رکي

هالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اليڪشن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف گڏجي حڪومت ٺاهيندا

هن چيو ته عوام جي اعتماد جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن شفاف ڪرائي وڃي

Leave A Comment