اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي تا حيات نا اهلي خلاف نظرثاني جو حق ملي ويو، عمران خان جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري قدم خلاف به نظرثاني داخل ڪري سگهبي
سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ 2023ع گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي صدر مملڪت جمعي تي نئين قانون جي منظوري ڏني اهڙي آگاهي اٽارني جنرل پاران سپريم ڪورٽ کي به ڏني وئي آهي
نئين قانون تحت 184 ٿري تحت فيصلن تي نظرثاني اپيل ٿيندي نئين قانون موجب اپيل تي فيصلو ڏيندڙ بينچ کان وڏي بينچ اپيل ٻڌندي
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023ع منظور ڪيو ويو هو جنهن تي سپريم ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو ان بعد پارليامينٽ ۾ ان ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو هو ۽ نئون قانون سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽس اينڊر آرڊر ايڪٽ 2023ع پارليامينٽ منظور ڪري صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو، صدر منظوري ڏيندي قانون تي صحيح ڪري ڇڏي
هن قانون تحت 184 ٿري جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن تي نظرثاني اپيل جي صورت ۾ ٿيندي نئين قانون موجب فيصلو ڏيندڙ بينچ کان وڏي بينچ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي
184 ٿري جي فيصلن سان جيڪي متاثر ماڻهو آهن اهي هاڻ هن قانون ٺهڻ کانپوءِ 60 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري سگهندا
ڪيترائي اهڙا فيصلا آهن جيڪي سپريم ڪورٽ 184ٿري تحت ڏنا هئا انهن تي هاڻي 60ڏينهن اندر اپيل ڪري سگهبي
تاحيات نا اهلي بابت سپريم ڪورٽ جا جيڪي فيصلا آهن انهن ۾ نواز شريف، جهانگير ترين ۽ ٻيا شامل آهن
عمران خان جو اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو آهي ان تي به پاڻمرادو نوٽيس 184 ٿري تحت ورتو ويو هو هاڻي ان تي به نظرثاني داخل ڪري سگهجي ٿي