تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

نواز شريف ۽ عمران خان جا بيان: بحث

وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران فوج بابت ڏنل بيانن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف جنرل ظهير ڌرڻي وقت استعيفا لاءِ مارشل لا جي ڌمڪي ڏني هئي، عمران خان کي آڻيندڙن کان جواب ضرور وٺنداسين. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ڀارت سان ملي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، آرمي چيف مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪارگل جهڙو واقعو ڪري ها يا آءِ ايس آءِ چيف استعيفا گهري ها ته کين گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيان ها، نواز شريف فوج جي نرسري ۾ پليو آهي. ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي صحبت ٻرڙو لکيو ته عمران خان جو چوڻ آهي ته فوج نواز شريف کي پاليو آهي ڇا اهو موقف فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ نه آهي؟ عابد چنا لکيو ته اهو ته اقراري بيان آهي، جبار حبيباڻي لکيو ته وزيراعظم کي ڪا خبر نٿي پوي ته ڇا پيو ڳالهايان. جبار آزاد منگي لکيو ته هي ته 164 پيو ڪري، علي احمد نظاماني لکيو ته اها ڳالهه سڄي دنيا ڄاڻي ٿي. بلقيس جهان لکيو ته عمران خان خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، زبير پيرزادو لکيو ته پوءِ به هن تي به پيمرا جي پابندي لڳڻ گهرجي.امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کان ڊي جي آءِ ايس آءِ استعيفا گهري ها ته کيس فارغ ڪري ڇڏيان ها، ڪارگل تي منهنجي مرضي کانسواءِ حملي ٿئي ٿو ته آرمي چيف کي هٽائي ڇڏيان ها، اهڙي پوسٽ تي عبداللطيف خاصخيلي، ڪيلاش موٽواڻي، عامر پندراڻي، ڊاڪٽر غلام رسول عالماڻي، خان محمد ۽ ٻين پنهنجي راءِ جو اظهارڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *